SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سهوليت ڀري ادائگي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سهوليت ڀري ادائگي

Land Lease

لئنڊ ليز

”لئنڊليز ايڪٽ“ 1914ع ۾ مهاڀاري لڙائيءَ دوران متعارف ڪرايو ويو، جنهن مطابق اتحادي ملڪن (برطانيه، فرانس ۽ آمريڪا وغيره) وچ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندي، واپار ۾ رعايتون ڏيڻ تي سهمتي ٿي. انهيءَ سهمتيءَ هيٺ، گڏجي جنگ وڙهندڙ ملڪ جيڪڏهن هڪٻئي کان خريد ڪيل سامان جي ادائگيءَ ۾ دير ڪن ته سامان ڏيندڙ ملڪ، مٿانئس ڪنهن به طرح جي سختي نه ڪري، بلڪه کيس اضافي سهولت ڏئي. هي طريقو ’فرينڪلن ڊي رُوز ويلٽ‘ (اڳوڻو آمريڪي صدر) ٻين عالمي جنگ جي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکندي، دُنيا آڏو پڌرو ڪيو. رُوز ويلٽ لاڳاپيل سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي، واپار جي اندر ”قسطن ۾ ادائگي“، ”آسان نموني جي اوڌر“ يا ”رهتون معاف ڪري ڇڏڻ“ جهڙيون رعايتون ڏيڻ ضروري سمجهيو. انهيءَ ڪري 1941ع کان 1945ع تائين آمريڪا مختلف ملڪن کي پنجونجاهه بلين ڊالر اهڙين رعايتن تحت ڏنا. انهيءَ پاليسيءَ جو وڏي ۾ وڏو فائدو برطانيا ۽ سوويت يونين کي ٿيو، ڇاڪاڻ جو جنگ هلندي آمريڪا طرفان واپار جي صورت ۾ مُختلف وکر، سڀ کان وڌيڪ هٿيار، کاڌ خوراڪ، ڪچو مال، مشينري ۽ پئسا انهن ٻنهي ملڪن کي ملندا رهيا . انهن ٻنهي مُلڪن، خاص طور برطانيا طرفان آمريڪي رعايتن جي عيوض اتحادي زمين تان آمريڪا کي فوجي مهمون شروع ڪرڻ ۽ فوجي اڏا قائم ڪرڻ جي سهولت ملي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ”لئنڊليز ايڪٽ“ جي پاليسين سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ”سرد جنگ“ کي هٿي ڏني


Remember Me Also:

پلر، پلر

ذ. [سن. پَلوَلَ] مِينهن جي پاڻيءَ جو تلاءُ. مِينهَن جو پاڻي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal